جامع سنڌي لغت1 ٽائيٽل

جامع سنڌي لغت1 ٽائيٽل

جامع سنڌي لغت ٽائيٽل

جامع سنڌي لغت ٽائيٽل

جامع سنڌي لغت ٽائيٽل

جامع سنڌي لغت ٽائيٽل

جامع سنڌي لغات

جامع سنڌي لغات: سنڌي زبان ۾ پهرين ’جامع سنڌي لغات‘ جي تياريءَ لاءِ سنڌ سرڪار جي ’سنڌي ساهتيه مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ 1940ع ۾ تيار ڪرڻ جو ڪم عالمن جي هڪ ڪاميٽيءَ جي حوالي ڪيو ويو هو، جن ۾ علامه دائودپوٽو، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، هرو مل سدارنگاڻي ۽ ٻيا شامل هئا، پر ڪن سبب ڪري هڪ وڏي عرصي تائين ان جو مسودو فقط پهرين چئن اکرن (ا ب ٻ ۽ ڪجهه ڀ تائين) محدود رهجي ويو. 1951ع ۾ سنڌ سرڪار طرفان بورد جي نئين تشڪيل سنڌي ادبي بورڊ جي نالي سان ٿي ته جامع سنڌي لغات ٽن سالن اندر تيار ڪرڻ جو ڪم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي حوالي ڪيو ويو، جنهن تي هن اڳ ئي جي ايم سيد جي همت افزائيءَ کان شروعات ڪري ڇڏي هئي. ڊسمبر 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جامع سنڌي لغات جي تياريءَ لاءِ مرڪزي آفيس قائم ٿي، ۽ ٽن سالن جي مختصر عرصي اندر (ڊسمبر 1954ع تائين) ڊاڪٽر صاحب سوين ڪارڪنن ۽ عالمن جي مدد سان لغت جو مسودو تيار ڪري ورتو. انهن عالمن ۽ اديبن ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، محمد بخش واصف، رشيد احمد لاشاري، رائچند راٺوڙ، سيد سردار علي شاهه، ولي محمد طاهرزادو، محمد سومار شيخ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، محمد يعقوب ميمڻ، امدد حسيني، ممتاز مرزا، شيخ محمد اسماعيل ۽ ٻيا شامل هئا. محمد ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ به هن ڪم ۾ وڏو ڪردار آهي. 1957ع تائين اها لغت ڇپجي نه سگهي. ان وچ ۾ ان ۾ ڪافي واڌارا ڪي ويا، ۽ نومبر 1958ع ۾ لغت جي ڇپائيءَ جو مرحلو شروع ٿيو. جامع سنڌي لغات جو پهريون جلد (ا، ب، ٻ) ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ترتيب ۽ نگرانيءَ ۾ 1960ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ 4000 ڪاپيون ڇپيو، لغات جو ٻيو جلد (ڀ کان چ تائين) به ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي نظرثانيءَ سان 1981ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن لغات جو ٽيون جلد ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ترتيب ڏنل 1984ع ۾ ڇپيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ئي ترتيب ڏنل جلد چوٿون علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نظرثانيءَ سان 1984ع ۾ ڇپيو، جڏهن ته هن لغات جو پنجون جلد ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نگرانيءَ ۾ تيار ٿي، 1988ع ۾ ڇپيو. اهڙي طرح 1951ع کان وٺي جامع سنڌي لغات جا پنج جلد 1988ع تائين ڇپجي پڌرا ٿيا. هي پنج ئي جلد 3088 صفحن تي مشتمل هئا، جن جي جملي قيمت 330 روپيا هئي.

جامع سنڌي لغات جي پنجن جلدن جو ٻيو ڇاپو به سنڌي ادبي بورڊ 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ جملي 2317 صفحا هئا ۽ پنجن ئي جلدن جي قيمت -/1650 روپيا رکي وئي.

جامع سنڌي لغات جو ٽيون سڌاريل ڇاپو (جنهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چواڻي: اڳين ڇاپن جون 90 سيڪڙو غلطيون درست ڪيون ويون آهن)، ٽن جلدن ۾، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ترتيبوار 2004ع، 2005ع ۽ 2007ع ۾ ڇپيو. پهريون جلد الف کان چ تائين، ٻيو جلد ڇ کان ڪ تائين، ۽ ٽيون جلد ک کان ي تائين اکرن تي مشتمل آهي. هنن ٽنهي جلدن جا جملي صفحا 2061 ٿين ٿا ۽ ٽنهي جلدن جي گڏيل قيمت -/1200 روپيا آهي.


لفظ جامع سنڌي لغاتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.00.00  عيسوي

1951ع ۾ سنڌ سرڪار طرفان بورد جي نئين تشڪيل سنڌي ادبي بورڊ جي نالي سان ٿي ته جامع سنڌي لغات ٽن سالن اندر تيار ڪرڻ جو ڪم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي حوالي ڪيو ويو ،



لغات - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جامع سنڌي لغات
لغات ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون